سجاول (رپورٽر) سجاول جي يونين ڪائونسل گهوٽارو تي مڪاني چونڊن ۾ ٻه سڳا ڀائر هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، يونين ڪائونسل گهوٽارو ۾ عبدالجبار سومرو جي يو آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهي رهيو آهي جڏهن  ته سندس وڏي ڀاءُ عبدالغني سومرو به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جيڪي منظور ڪيا ويا آهن. عبدالغني سومرو پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ملڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن کانپوءِ هو پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي يو آئي اميدوار عبدالجبار سومرو خلاف اليڪشن ۾ حصو وٺندو. واضح رهي تہ عبدالغني سومرو ماضي ۾ جي يو آءِ جو سرگرم ڪارڪن پڻ رهيو آهي ۽ جي يو آءِ طرفان اڳوڻي مڪاني چونڊن ۾  ناظم جي سيٽ تي بلدياتي چونڊن ۾ حصو پڻ وٺي چڪو آهي هن ڀيري هو پ پ جي ٽڪيٽ جو انتظار پيو ڪري.