ٽنڊوباگو (ن پ ا) بلدياتي اليڪشن جي ٻي مرحلي ۾ تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٽن ٽائون ڪاميٽين ۽ 16 يونين ڪائونسلن تي نامينيشن فارم جمع ڪرائيندڙ 49 اميدوارن جا رٽرنگ آفيسر فارم جانچ پڙتال ۾ رد ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ بلدياتي اليڪشن جي ٻي مرحلي ۾ تعلقي ٽنڊي باگي ۾ تعلقه ٽنڊوباگو جي ٽن ٽائون ڪميٽين  مان 19 جنرل ڪائونسلر جي اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آهن. جڏھن ته تعلقي جي يونين ڪائونسلن مان 11 چيئرمين جي اميدوارن، 4 ضلعي ڪائونسل جي اميدوارن 15 وارڊ ڪائونسلرن جا نامينيشن فارم جانچ پڙتال دوران رد ڪيا ويا آهن.