جمال شاھ (ن پ ا) جمال شاھ ويجهو ڳوٺ مال راهو ۾ يونين ڪائونسل مهراڙو ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبر جي اميدوار ذوالفقار علي ڌاريجو، نازو ڌاريجو، حمزو چانڊيو ۽ رضا محمد راھو پاران ايس يو پي جو جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي ۾ ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ، شاعر مهر ڊٻائي، مجيب ماڇي، ڊاڪٽر علي حسن چانڊيو،  فياض،ڊاڪٽر الهرکيو ڪلهوڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته هاڻي ووٽ جو حق سنڌ جي بهتر مستقبل لاءِ استعمال ڪريو، ووٽ اوهان جي ايندڙ نسل کي بچائڻ لاءِ آهي، ووٽ جو صحيح استعمال ڪيو، سيد زين شاھ چيو ته شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب عوام نه فقط معاشي بدحاليءَ جو شڪار ٿيندو پيو وڃي پر پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ کان پڻ محروم ٿي ويو آھي، مهر ڊٻائي چيو ته سنڌي ماڻهن کي سستي ڇڏڻي پوندي ۽ ووٽ سنڌ دوست اميدوارن کي ڏئي ڪامياب ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي نازو ڌاريجو، علي حسن چانڊيو فياض اتيرو، حمزو خان چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.