لاڙڪاڻو/ڳيريلو (نمائندن وٽان) ڳيريلي ڀرسان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد چئودڳي لاڙي وٽ عورت ۽ نوجوان جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن، علائقي واسين لاش ڏسي اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو، پوليس جاءِ واردات تي پھچي ٻنهي جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ايمبولنس نه هجڻ ڪري ٽريڪٽر ٽرالي ۾ مڙهه لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيا، ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته نوجوان اڪرم جتوئي ۽ عورت عجيبان جتوئي جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن، پوليس موجب ٻنهي مقتولن جو تعلق ڏوڪري لڳ ڳوٺ بخش جتوئي سان آهي، جيڪي 9 ڏينهن اڳ گھران پسند جي شادي لاءِ نڪتا هئا، اڄ ٻنهي جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن، پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون، وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين، ٻي طرف اطلاع آهن ته مقتول عورت عجيبان جتوئي 5 ٻارڙن جي ماءُ آهي.