ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ پاڻي کوٽ کان نجات لاءِ اڄ جمعي تي دعا جو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي . ان ڏس ۾ سنڌ جي آبپاشي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال عوام کي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ کان نجات لاءِ اڄ درگاهن ۽ عبادتگاهن ۾ دعائون گهريون وڃن، هن چيو ته عالم سڳورا پڻ اڄ عبادت دوران پاڻي جي کوٽ ختم ٿيڻ لاءِ خاص دعائون گھرن. عوام نيازي حڪومت جي مصيبت واري ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. رياست مدينا جي دعويدار حڪمرانن سنڌ کي پاڻي ڦڙي لاءِ ترسائي ڇڏيو آهي.