ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪشمور ۾ اسٽاف نرس کي اسسٽنٽ ڊي ايچ او مقرر ڪرڻ وارو آرڊر واپس وٺي ڇڏيو، صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي 16هين گريڊ جي اسٽاف نرس عائشه خاتون کي 17هين گريڊ واري پوسٽ تي اي ڊي ايچ او ڪشمور مقرر ڪيو هو، ڊاڪٽرن جي تنظيمن جي اعتراض بعد ڪالهه صوبائي سيڪريٽري پاران اهڙو آرڊر واپس ورتو ويو آهي.