ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن مان گم ٿيل ٻارڙن کي بازياب ڪرائي 14 جولاءِ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران گم ٿيل ٻارڙي ندا جي بازيابي بابت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻارڙيءَ جي بازيابي لاءِ سموريون ماڊرن ڊوائسز استعمال ڪري رهيا آهيون، انهي باجود ندا بابت ڪا معلومات نه ملي آهي، ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اڃا به ڪيترائي ٻارڙا گم ٿيل آهن. وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته زارا الرٽ کانپوءِ گم ٿيل ٻارڙن جو معاملو به ڏٺو پيو وڃي. ان موقعي تي گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جي فوڪل پرسن عدالت کي ٻڌايو ته اسان جي آءِ ٽيز جا ٻه سيشن ڪيا آهن 14 ٻارڙا گم ٿيل هئا، هڪ ٻارڙي اسماءَ بابت پتو پيو آهي ته هن شادي ڪري ورتي آهي جڏهن ته 13 ٻارڙا باقي آهن. هن چيو ته اسماءَ کي اغوا ناهي ڪيو ويو، ان موقعي تي عدالت پوليس کي گم ٿيل ٻارڙن کي بازياب ڪرائي 14 جولاءِ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.