لاهور (م ڊ) نواز ليگ ايم اين اي جاويد لطيف کي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. جاويد لطيف جي ضمانت ايڊيشنل سيشن جج گذريل ڏينهن منظور ڪئي هئي، سندس آزادي لاءِ ٻن ضامنن 2-2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرايا، جنهن بعد کيس آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته ڪارڪنن مٿس گل جي ورکا ڪئي. واضح رهي ته جاويد لطيف تي رياست مخالف بيان جي الزام ۾ ٽائون شپ ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي. جاويد لطيف جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست تي ڪُل 4 ٻڌڻيون ٿيون، کيس 27 اپريل تي گرفتار ڪيو ويو هو.