ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ڳاڙهو ۾ 9 ورھين جي نياڻي شھزادي سان زيادتي واري  واقعي خلاف ينگ سوشل نيٽورڪ ميرپور ساڪرو پاران عبدالرزاق ڪلمتي، ذوالفقار بلوچ، حق نواز لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.