ڪرمپور (ن پ ا ) رتيديري ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڪرمپور واسي نوجوان رياض ملڪ  لاڙڪاڻو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. ڳوٺ ناپرڪوٽ واسي رياض ملڪ ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي گاڏي تي لاڙڪاڻو کان شڪارپور طرف اچي رهيو هو ته رتوديرو لڳ مين روڊ تي ڪار سوار هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  لاڙڪاڻو اسپتال داخل ڪيو ويو هو. نوجوان زخمن جي سٽ نه سهندي لاڙڪاڻو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.فوت ٿيل نوجوان جي ڀيڻ زينب پنهنجي ماسي پري خاتون سان گڏجي دانهيو ته ڀاءُ رياض ملڪ مزدوري ڪندو هو کيس 8 ٻارڙن جو اولاد آهي جيڪو ٻه ڏينهن اڳ گهران ڪم سانگي گهران نڪري ويو.رتوديرو پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ وارثن نوجوان جي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي وارث پوسٽ مارٽم کان منع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون تمام جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون.