سيوھڻ (ن پ ا( ڪوٽڙي شھر مان اڳوڻي  تعلقا ناظم جي ڀاءُ گھر مان ڌاڙو لڳڻ واري واقعي جي 3 مھينن بعد  پوليس   جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان ڏس ۾ پوليس موجب ته  ايس ايچ او سيوھڻ  جي اڳواڻي ۾ ڳجھو اطلاع ملڻ تي ڳوٺ ڳھيجا تي ڇاپو ھڻي ساجن ڪوريجو ۽ جوابدار الطاف سمون کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 3 ڄڻا فرار ٿي ويا، گرفتار جوابدارن وٽان 12 لک ڪيش ۽ 12 تولا سون پڻ برآمد ڪيو ويو آهي، پوليس موجب 3 مھينا اڳ ڪوٽڙي شھر جي اڳوڻي تعلقا ناظم بادشاهه ميمڻ جي ڀاءُ عبدالڪريم ميمڻ جي گھر مان لڳل ڌاڙي جي   مک ڏوھارين تائين  پھچي وياسين ۽ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڌاڙي جي رقم ۽ سونا زيور ھٿ ڪيا ويا آهن.