گمبٽ (ن پ ا) هڪ مهينو اڳ شادي ڪندڙ ناري مسڪان شيخ کي هٿياربند گمبٽ باءِ پاس تان اغوا ڪري ويا. مغوي ناريءَ جي وارثن پاران کهڙا ڌر جي ماڻهن تي اغوا ۽ سندس مڙس تي تشدد جو الزام لڳايو ويو. وارثن اشفاق علي شيخ، اڪن شيخ، غلام شبير آريجو، عبدالغفور شيخ، جاويد شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته هڪ مهينو اڳ مسڪان شادي ڪئي هئي، ڪنهن سان به دشمني نه آهي. ڳوٺ بهارو کان راڻيپور مائٽن ڏانهن دعوت کائڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته کهڙا برادري چئن ماڻهن ياسين کهڙو، امتياز کهڙو ۽ ٻين گمبٽ قومي شاهراه تي حملو ڪري تشدد ڪيو ۽ هٿيارن جي زور تي مسڪان کي اغوا ڪري ويا آهن، معاملي جي گمبٽ ٿاڻي تي اين داخل ڪرائي آهي. مظاهرين ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري مسڪان شيخ کي آزاد ڪرايو وڃي. هوڏانهن ايس ايچ او گمبٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناريءَ جي وارثن مسڪان شيخ جي اغوا بابت ڄاڻ ڏني آهي، وڌيڪ معاملي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.