گھوٽڪي ٽرين حادثو، فوتين جو انگ 63 ٿي ويو

0
355

گھوٽڪي (نمائندن وٽان) گھوٽڪي ويجھو ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 63 ٿي ويو، وڌيڪ 7 لاش ڪڍيا ويا، ريسڪيو عملدارن موجب 100 زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، لوڌران جا 2 سڳا ڀائر، والدا ۽ ماسات بھ فوتين ۾ شامل آھن، جن جي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي، حادثي ۾ فوت ٿيل ٻن معصوم مون ۽ ھادي جي بھ سڃاڻپ ٿي وئي آھي، جڏھن تھ ڊي سي سکر طارق لطيف جو چوڻ آھي تھ ٽرين حادثي جي جاءِ تي رليف آپريشن مڪمل ڪيو ويو آھي.