پي ايس ايل جو ميلو سڀاڻي کان شروع: وڌيڪ 4 رانديگرن کي ويزا جاري، انتظام مڪمل

0
284

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ سڪس جو ميلو سڀاڻي کان شروع ٿي رهيو آهي، وڌيڪ چئن رانديگرن کي ويزا جاري ڪيا ويا آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ويزا جاري ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته عمران امين، حماد اعظم، خالد عثمان ۽ آصف آفريدي کي ويزا جاري ٿيا آهن، رانديگرن کي ابوظهبي پهچايو ويندو. پي سي بي جو چوڻ آهي ته رڳو هڪ ڪرڪيٽرعمران رنڌاوا کي ويزا جاري ناهي ٿيو. واضح رهي ته 9 جون يعني سڀاڻي لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ميچ سان پي ايس ايل سڪس جي ٻيهر شروعات ٿيندي، جڏهن ته فائنل 24 جون تي کيڏيو ويندو. ڪواليفائر ۽ هڪ ايليمنيٽر سميت 6 ڊبل هيڊز(هڪ ڏينهن ۾ 2 ميچ) کيڏيون وينديون، ميچز پاڪستاني وقت موجب رات 9 وڳي شروع ٿينديون، جڏهن ته ڊبل هيڊز واري ڏينهن پهرين ميچ شام ڇهين وڳي ۽ ٻي رات 11هين وڳي شروع ٿيندي.