گھوٽڪي، شڪاپور ۽ ڪشمور جا شڪي پوليس آفيسر ۽ اهلڪار گري لسٽ ۾ شامل

0
324

ڪراچي: گھوٽڪي، شڪاپور ۽ ڪشمور جا شڪي پوليس آفيسر ۽ اهلڪار گري لسٽ ۾ شامل، کين رينج مان نيڪالي ڏيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي

 ذريعن موجب آءِ جي سنڌ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آفيسر ۽ اهلڪار ماضي ۾ ڌاڙيلن سان ڳالهيون ڪري مغوين کي بازياب ڪرائڻ واري ڊيل جو حصو رهيا آهن

 آءِ جي سنڌ لاڙڪاڻي ۽ سکر جي ڊي آءِ جيز کي هدايت ڪئي ته هو فهرست تيار ڪن ۽ تصديق بعد گري لسٽ ۾ شامل آفيسرن ۽ اهلڪارن کي رينج مان بدلي ڪيو ويندو

 آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هه ته ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ ڌاڙيلن سان ڪنهن به سطح تي ڳالهيون نه ڪيون وڃن،  مغوين کي پوليس ايڪشن سان بازياب ڪرايو وڃي

 اجلاس دوران سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن مان اغوا بعد کانپوءِ بازياب ٿيندڙ ماڻهن جون موبائيل سمون ۽ فونز ڌاڙيلن جي استعمال هيٺ هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو

آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سي آءِ اي ۽ سي پي ايل سي عملدارن تي ٻڌل ٽيم جوڙي ڇڏي، ٽيم نمبرز جي ڏنل لسٽن جي تصديق بعد نمبر ۽ موبائيل فون بلاڪ ڪرائيندي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ: دراني مهر جي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن: ڌاڙيلن جي ٿاڪن کي باهه