اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي ڏنل سڪيورٽي جا رولز طلب ڪري ورتا

0
189
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي ڏنل سڪيورٽي جا رولز طلب ڪري ورتا
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي ڏنل سڪيورٽي جا رولز طلب ڪري ورتا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي ڏنل سڪيورٽي جا رولز طلب ڪري ورتا، عدالت عمران خان جي سڪيورٽي فراهمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

 چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته اڳوڻي وزير اعظم جي ڪهڙي سڪيورٽي هوندي آهي؟ رولز پيش ڪيو پوءِ آرڊر جاري ڪنداسين هن ڪيس ۾ عمران خان جي حاضري نٿي ڇو ته هي سڪيورٽي فراهمي جو ڪيس آهي

 ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اڳوڻي وزير اعظم کي مناسب سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو

 چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاڻي سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي، جواب ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته عمران خان کي هڪ بلٽ پروف گاڏي مليل آهي، ارڙهين ترميم بعد سڪيورٽي صوبائي حڪومت جو معاملو آهي

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عمران خان کي مليل سڪيورٽي جا رولز طلب ڪري ورتا آهن

هي به پڙهندا

تڪراري انداز ۾ اليڪشن ڪرائڻ سان پاڪستان تباهيءَ جي ور چڙهي ويندو: راڻا ثناءُ الله