ملير (رپورٽ: ناز شر) بحريا ٽائون پاران گڏاپ ۾ ڳوٺن قبضي خلاف مختلف سياسي، سماجي ڌرين پاران ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن سنڌ انڊيجينيس رائٽس الائنس طرفان گڏاپ جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري مظاهرا ۽ پيادل مارچ ڪري ڌرڻا هنيا ويا. سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن، اديبن، دانشورن، وڪيلن ۽ سوين ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. احتجاجي ريلي الائنس جي مرڪزي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، گل حسن ڪلمتي، الاهي بخش بڪڪ، عبدالخالق جوڻيجو، پروفيسر رخمان گل پالاري، حفيظ بلوچ، علي مستوئي، فيض محمد گبول مرحوم جي پٽ مراد گبول، جمن حمايتي، بخشل ٿلهو جي اڳواڻيءَ ۾ نور محمد گبول ڳوٺ کان شروع ٿي سپر هاءِ وي کان ٿيندي ڪاٺوڙ جي مک بازار پهتي جتي پيادل مارچ ڪري قادر بخش گبول ڳوٺ، دريا خان گبول ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي هڪ وڏو جلسو ٿيو، جلسي کي انڊيجينيس رائٽس الائنس جي مرڪزي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، عبدالخالق جوڻيجي، گل حسن ڪلمتي، رخمان گل پالاري ۽ ٻين چيو ته بحريا ٽائون اسرائيل وانگر ڪارروايون ڪري ڳوٺاڻن سان فلسطينين جهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي، وجود جي بقا لاءِ جدوجهد جاري رهندي، هنن وڌيڪ چيو ته عيد کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ رابطو ڪري سياسي سماجي ڌرين، اديبن دانشورن ۽ ساڃاهه وندن جو ڪٺ گهرائي جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. هنن ڳوٺاڻن کي اپيل ڪندي چيو ته هو پنهنجي وجود جي بقاءَ لاءِ انڊيجينيس رائٽس الائنس جي جدوجهد ۾ شامل ٿي ڌرتي ڌڻين جو ساٿ ڏين. ٻئي پاسي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي اڳواڻن سان گڏ گڏاپ جي نور محمد گبول ڳوٺ ۾ پهچي چاچا فيض محمد گبول جي قبر تي حاضري ڀري. بعد ۾ هن بحريا ٽائون متاثر نور محمد گبول ڳوٺ، هادي بخش گبول ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پهچي متاثر ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي صنعان خان قريشي چيو بحريا ٽائون اسرائيل جي ياد تازي ڪندي ڳوٺاڻن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ رياض سنڌ سرڪار سان گڏجي ڪوهستان سميت سڄي سنڌ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، قومي ٻڌي سان سندس رستا روڪ ڪنداسين.