اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي تعليم واري وزارت ڪورونا جي ٽئين لهر سبب اسلام آباد جي نجي تعليمي ادارن کي فيس 20 سيڪڙو گهٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پرائيوٽ ايجوڪيشن انسٽيٽوشن ريگيوليٽري اٿارٽي اپريل ۽ مئي جي فيس ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، فيس ۾ گهٽتائي جو فيصلو 8 هزار يا وڌيڪ فيس وٺندڙ ادارن تي لاڳو ٿيندو،