لاهور (م ڊ) جهانگير ترين سان وڌيڪ 4 قومي اسيمبلي ميمبرن رابطو ڪيو آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ جهانگير ترين جي گهر سندس حمايتي ۽ هم خيال پارليامينٽ ميمبرن جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اتفاق ڪيو ويو ته وزير اعظم جي خاطري کانپوءِ عيد تائين خاموشي اختيار ڪئي ويندي ۽ وزير اعظم جي نامزد ڪيل سينيٽر علي ظفر ايڊووڪيٽ جي جاچ جو انتظار ڪيو ويندو، جڏهن ته عيد کانپوءِ صورتحال کي ڏسندي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. ذريعن موجب جهانگير ترين سان وڌيڪ چار اسيمبلي ميمبرن رابطو ڪيو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جهانگير ترين سان ملاقات ڪري ٻڌڻي جو اظهار ڪندا. ذريعن ٻڌايو ته مشاورتي ويهڪ ۾ ميمبرن تجويز ڏني ته عيد کانپوءِ ٽڪيٽ هولڊرز ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان ڳالهيون ڪيون وينديون. ٻئي طرف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي جهانگير ترين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز ليگ، پيپلزپاٽي سميت ڪنهن به پارٽي سان رابطو ناهي، وزيراعظم خاطري ڪرائي ته منهنجي ڪيسن کي پاڻ ڏسندو. جهانگير ترين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي بيان کي هلڪو قرار ڏئي ڇڏيو، جهانگير ترين شاهه محمود قريشي جي بيان بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته اهي هلڪيون ڳالهيون آهن، آئون اهڙيون هلڪيون ڳالهيون ناهيان ڪندو، پنهنجي ڪيسن جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم پاران علي ظفر جي مقرري تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن چيو ته منهنجو ڪيس ڪرمنل نه آهي، ايف آءِ اي جو ڪوبه ڪردار نه آهي، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ سميت اسانجو ڪنهن سان به ڪو رابطو نه آهي. جهانگير ترين جي پيشي جي موقعي تي حامي ميمبر به ساڻس گڏ هئا.