ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ بحريا ٽائون انتظاميا پاران ملير ۾ قديمي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف مخالف ڌر جي قرارداد اسپيڪر آغا سراج دراني پاس ڪرڻ نه ڏني. اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل قرارداد بابت ڳالهائيندي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته ملير جي قديمي ڳوٺ نور محمد گبول جا ماڻهو اسان وٽ فرياد کڻي آيا هئا ته سندن ڳوٺ تي بحريا ٽائون چڙهائي ڪئي آهي، آئون بحريا ٽائون انتظاميا جي ظلمن خلاف قرارداد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته رولز تحت ٻيو ڪوبه بزنس نه ٿو کڻي سگهجي، اوهان قرارداد پيش نه ٿا ڪري سگهون، اسپيڪر اهو چئي حليم عادل شيخ جو مائيڪ بند ڪري ڇڏيو، جنهن تي اپوزيشن ليڊر احتجاج ڪيو انهي دوران صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته آبپاشي کاتي جي زمينن تي قبضن وقت حليم عادل خاموش ڇو هو؟ رڳو سياست چمڪائڻ لاء هتي گوڙ ڪيو وڃي ٿو، اهي گئس، اين ايف سي، بجلي جي مسئلن تي وفاق آڏو ڇو نٿا ڳالهائين؟ اهي اين اي 249 جي اليڪشن مان سبق سکي وٺن، هن چيو ته اسان کي ڪنهن جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، سموري سنڌ کي خبر آهي ته ڪير سنڌ جو حلالي پٽ آهي ۽ ڪير ناهي؟ اسان ڳوٺن تي چڙهائي جو نوٽيس ورتو آهي، خميس تي رپورٽ پيش ڪنداسين هوڏانهن پري بجيٽ بحث دوران چوٿين ڏينهن به حڪومت ۽ مخالف ڌر بجيٽ بابت تجويزون ڏيڻ بدران هڪ ٻئي مٿان الزام بازي ڪئي، پري بجيٽ بحث ۾ حصو وٺندي پي ٽي آءِ جي ايم پي اي سدره عمران چيو ته عوام کي سهولتون ڏيڻ بدران تير ھنيا ويا آھن، ڪراچي شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آھي، جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي، سنڌ حڪومت جا 40 کاتا آھن، جن جي اڪثريت پنهنجي بجيٽ خرچ ڪري نه سگهي آھي، هن مطالبو ڪيو چيو ته ڪراچي جي سينٽرل ضلعي کي يونيورسٽي ڏني وڃي، متحده جي جاويد حنيف چيو ته او زي ٽي شيئر جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي 18 ارب کان وڌيڪ پئسا مليا آھن پر اهي مڪاني ادارن حوالي نه ڪيا ويا آھن، گيس سرچارج جي مد ۾ ملندڙ پئسا ڪٿي خرچ ڪيا ويا؟ هن چيو ته سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٻين ضلعن جا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آھن، ڪراچي ۾ ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيار ڪار ٻاهر جا ماڻھو ڀرتي ٿيل آھن. هڪڙي کاتي ۾ 20,20 پٽيوالا ڀرتي ڪيا ويا آھن، هي ماڻھو هتي رڳو پئساٺاهڻ آيا آھن، ڪورونا جي نالي ۾ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽي جي هير سوهو چيو ته وفاق سنڌ سان زيادتي ڪري رهيو آھي، 57 مان سنڌ کي رڳو 4 منصوبا ڏنا ويا آھن، پ پ جي رياض شيرازي چيو ته ٺٽي کي ميڊيڪل يونيورسٽي ڏني وڃي، ٺٽي ۾ 500 بيڊن جي اسپتال جو 99 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي، هن چيو ته ٺٽي، مڪلي ۽ جهمپير کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي. جهمپير ۾ ونڊ پاور ڪمپنيون هڪ سيڪڙو به مقامي علائقي تي خرچ نٿيون ڪن، ونڊ پاور ڪمپنين کي پابند ڪيو وڃي ته ٺٽي ۽ سجاول ضلعن کي مفت بجلي فراهم ڪئي وڃي، هن چيو ته ٺٽي ۽ سجاول جي 35 لک ايڪڙ زمين سمنڊ پائي چڪو آھي، سامونڊي پٽي ۾ سامونڊي اٿل روڪڻ لاءِ بند ٻڌو وڃي.