گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ در محمد چاچڙ جي رهواسي عورتن ۽ مردن نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، نوازشريف چاچڙ، زاهد علي چاچڙ، گلشير اچڙ، عبدالرحيم چاچڙ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حاجي جيوڻ چاچڙ جي چرچ تي زاهد علي چاچڙ، فقير محمد چاچڙ، واڌل چاچڙ، نصيراحمد، غلام مصطفيٰ، مهراب علي، ارشاد علي چاچڙ حملو ڪري صوبدار چاچڙ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي دانهون ڪرڻ تي جوابدار صوبدار چاچڙ کي زخمي ڪري موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. مظاهرين جو چوڻ هو ته برادري جي بااثر حميد چاچڙ مٿان ڪارنهن الزام جو ڪوڙو الزام لڳائي جرڳي ذريعي هڪ ڪروڙ چار لک ڏند وڌو، جرڳو مڃرائڻ لاءِ حملا ڪري هراسان ڪري رهيا آهن. ايس ايچ او گهوٽڪي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري نيشنل هاءِ کولرايو. پوليس حملو ڪندڙ جوابدارن زاهد علي چاچڙ، مهراب علي چاچڙ، علي بخش چاچڙ، واڌل چاچڙ ۽ غلام مصطفيٰ چاچڙ گرفتار کي ڪري ورتو