ڄام نواز علي: رابطو ڪرڻ تي ٻيراڻي ٿاڻي جي يس ايچ او ٻڌايو ته جيئن واقعي جو اطلاع مليو ته بروقت واقعي واري ڳوٺ پهچي ڌرين جي جهيڙي کي روڪي ورتو آهي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد قانوني گهرجون پوري ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو آهي زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ڌريون پاڻ ۾ ماما ڀاڻيجا آهن جن ۾ پاڻي جي گندي نالي جي نيڪال تان جهيڙو ٿيو آهي هن چيو ته ڌرين جي ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ واقعي واري ڳوٺ ۾ ايس ايس پي سانگهڙ جي حڪم تي پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي، پوليس موجب هڪ ڄڻي غلام عباس مري کي گرفتار ڪري ورتو آهي فريادي ڌر ڪيس داخل ڪرائڻ نه آيا آهن جيئن آيا ته ڪيس درج ڪري وڌيڪ جاچ ڪنداسين.