شھباز جو اي سي ايل ۾ نالو: ھي اعلان توھين عدالت جي ڏوھ جو اعتراف آھي:نواز ليگ

0
288
حڪومت شهباز شريف کي

لاھور (بيورو رپورٽ) شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ توهين عدالت جي ڏوهه جو باضابطا اعتراف آهي، عمران خان سياسي انتقام ۾ ٻڏي ويو، کيس عوامي مسئلن جي پرواهه ناهي، نواز ليگ طرفان شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ٿيڻ تي ردعمل، نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عيد جي موڪلن بعد پهرئين ڏينهن عوام کي رليف ڏيڻ بدران شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو، هڪ ڪلاڪ اندر 2 ڪانفرنسز ڪيون ويون، اهو شهباز شريف جو خوف آهي، نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شهباز شريف بدران رنگ روڊ اسڪينڊل جي رنگ ماسٽر عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي، شيخ رشيد پاڻ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو نٿو پڙهي سگهي ته ٻين کان پڙهائي، عدالتي فيصلي ۾ لکيو ويو ته ڪنهن به ڪميشن ۽ ڪِڪ بيڪ ۾ شهباز شريف جو نالو ئي نه آهي.