ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ رسالدار لڳ شاھي واھ ۾ 15 سالا نينگر امتياز ولاٽو مبينا طور ٻڏي فوت ٿي ويو. نينگر جي دوستن جي نشاندهي تي وارثن پهچي لاش جي ڳولا ڪئي پر لاش هٿ نه اچي سگهيو، جنهن بعد وارثن سکر مان ٽوٻا گهرائي لاش جي ڳولا ڪرائي. آخري اطلاعن تائين لاش نه ملي سگهيو هو. هوڏانهن پوليس شڪ جي بنياد تي نينگر جي ٻن دوستن کي گرفتار ڪري ورتو آهي،