گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ)گهوٽڪي ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او طاهرالقادري 2 هفتا اڳ گهوٽڪي مان عبدالرحمان لاکو ۽ پنوعاقل واسي کي گرفتار ڪري پرائيويٽ جاءِ ۾ قائم ٽارچر سيل ۾ قيد ڪري رکيو هو. ذريعن موجب گهوٽڪي جي نيو بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ قائم ٽارچر سيل ۾ قيد 2 جوابدار پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻائي هٿ پير ٻڌي فرار ٿي ويا. ذريعن موجب مختلف ڪيسن ۾ گهربل گرفتار جوابدار فرار ٿيڻ بعد پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي ۽ واپسي لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا به هڻي رهي آهي. ايس ايچ او اي سيڪشن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان وٽ ڪوبه ٽارچر سيل ناهي ۽ ڪو به جوابدار فرار ناهي ٿيو، اهو سڀ ڪوڙ آهي. ذريعن موجب ايس اي او اي سيڪشن جوابدارن جي آزادي لاءِ سندن وارثن کان مبينا طور چار لک رشوت گهري هئي، پوليس ڊيلنگ ۽ عدالتي ڇاپي جي خوف سبب ٻنهي ڄڻن کي ٽارچر سيل ۾ رکيو هو، جتان هو پوليس اهلڪارن مٿان تشدد ڪري فرار ٿي ويا آهن.