راڻيپور(ن پ ا) سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ ھفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست رحه جو 200 هون عرس مبارڪ ڪورونا جي ڪري سادگي سان ملھايو ويو. اوقاف کاتي ايڊمنسٽريٽر عبدالغني مھر، مئنيجر منير احمد چنا، اي سي گمبٽ ارباب شاھ، مختيارڪار صلاح الدين گھمرو مزار تي گلن جي چادر چاڙھي. ڪورونا جي موذي مرض جي خاتمي لاءِ خاص گهريون ويون.