گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ انتظاميه جي لاپرواهيءَ سبب گٽرن جو پاڻي غريب آباد، مسڻ پاڙو، پير پاڙو، ڪسان ڪالوني، ميربحر پاڙو، مڊوي گلي، پراڻي مارڪيٽ سميت ٻين علائقن جون گهٽيون ۽ مختلف رستا ڪني پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، شهرين محمد ادريس سومرو، اعجاز ڦلپوٽو، قاضي عمران، آصف علي جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ، ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي انتظاميه جي بي ڌيانيءَ سبب گٽرن جو گندو پاڻي اٿلي پوي ٿو جنهن سبب ڪنو پاڻي شهر جي مختلف گهٽين ۽ روڊن رستن تي بيهڻ روز جو معمول بڻيل آهي، ڪيترائي ڀيرا اختيارين کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن پر ان باوجود شهر ننڌڻڪو بڻيل آهي. هنن گهر ڪئي آهي ته خدارا گمبٽ شهر جي مالڪي ڪري شهر مان ڪني پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي کي درست ڪرائي شهرين کي صفائي سٿرائي جي بنيادي سهولت فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.