نوشهرو فيروز(رپورٽر) نوشهروفيروز شهر گندگي جي ور چڙهي ويو، ھر طرف گٽرن جو پاڻي بيٺل مختلف سياسي، سماجي ڌرين جو احتجاج، ڊي سي آفيس آڏو احتجاج جو اعلان. احتجاج ۾ شھرين سياسي سماجي اڳواڻن پي ٽي آءِ، پ پ شھيد ڀٽو، شھري ايڪشن ڪميٽي، ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ دڪاندار يونين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن محمد ابراھيم ڏنگراچ، يونس راڄپر، اسد چانڊيو، بشارت کوسو، خالد چانڊيو، خادم سيال، وزير علي وڳڻ، اقبال راڄپر، شفيق الرحمان، جاويد سيال ۽ ٻين چيو ته گندي پاڻي سبب اسان جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آھي شھر جا سڀئي علائقا اڪثر گندي پاڻي سان ڀريل رهن ٿا اسان جي دڪانن سان گڏ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي رهيو آھي اسان عذاب واري زندگي گذاري رهيا آھيون. هنن مطالبو ڪيو ته شهر جي صفائي ڪري ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج کي وسيع ڪري ايندڙ ھفتي ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.