حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ بجلي جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن، ڪچي قلعي جي رهواسي عورتن، مردن بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف تنبورا چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪري حيسڪو خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ممتاز بيگم، اقبال حسين ۽ ٻين چيو ته گذريل هڪ هفتي کان سندن علائقي ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر سڙيل آهي، جنهن جي تبديلي لاءِ انهن لاڳاپيل حيسڪو عملي کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن پر اڃا تائين حيسڪو ٽيم سندن علائقي ۾ نه پهتي آهي، هنن چيو ته حيسڪو جا عملدار رشوت نه ڏيڻ تي سندن علائقي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، شهرين موجب هفتي کان بجلي بند هئڻ سبب سخت گرمي عورتون، ٻارڙا توڙي پيرسن بيحال بڻيل آهن، علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو به بحران پيدا ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته علائقي ۾ سڙيل بجلي جو ٽرانسفارمر تبديل ڪيو وڃي.