دادو (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاڪ ڊائون بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي ابتڙ انتظاميا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ بدران مارڪيٽ ڪاميٽي پاران دادو ۾ مال پڙي لڳائي، جتي هزارين ماڻهن جي رش لڳل هئي، شهر ۾ لڳايل مال پڙي ۾ جوهي ، ڀان سعيدآباد ، مورو ۽ ٻين ڏورانهن علائقن مان هزارين مالوند ماڻهو چوپايو مال ڪاهي پهتا، مال پڙي ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جا اهلڪار ايس او پيز تي عمل نه ڪرائي سگهيا، مارڪيٽ ڪاميٽي انتظاميا ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت ڪري مال پڙي جي في ۾ پڻ رڪارڊ اضافو ڪندي ڇيلو ۽ ٻڪري تي 500 ، مينهن ، پاڏي ۽ گابي تي 800 کان 1000 روپيا فيس وصول ڪندي رهي.