فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ڀرسان ڳوٺ عاليوال ۽ دوست علي چانڊيو جي ڳوٺاڻن سڪل شاخ تي ويهي پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پنهنجي ٻارڙن کي احتجاجن پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن برڪت چانڊيو، نياز حسين چانڊيو، سدور چانڊيو ۽ ٻين چيو ته حڪمرانن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪيترن ئي سالن کان پيئڻ ۽ زرعي پاڻي نه ملڻ سبب پريشان آهيون، پاڻي کوٽ سبب زرعي زمينون تباهه آهن، اڄ پنهنجن ٻچن کي پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو آهي ته جئين ڊي سي دادو، چونڊيل نمائندا ۽ ٻيون اختياريون اچي ڏسن ته اسين بغير رستن،پيئڻ جي صاف پاڻي، زرعي پاڻي، تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان بغير زندگيءَ ڪئين گذاري رھيا آھيون، ٻي طرف بي ايچ يو فريدآباد انچارج ڊاڪٽر ديدار عباسي ٻڌايو ته ڳوٺاڻن جي پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪرڻ بابت ڊي سي دادو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏنو آهي.