گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀر سان روهڙي ڪئنال  مان نامعلوم شخص جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگھي. گمبٽ پوليس روهڙي ڪئنال مان لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ڪو به وارث ظاهر نه ٿيو. ان سلسلي ۾ گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نامعلوم شخص جو لاش روهڙي ڪئنال ۾ لڙهندو ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو. ڪئنال مان لاش ڪڍرائي سڃاڻپ لاءِ گمس سٽي اسپتال جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن لاش جو وارث نه ٿيو ته ان کي ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو ويندو.