اڏيرولال(ن پ ا) اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ  غازي خان ساهووال ۾ 15 سالن جي ٻارڙي ماروي ڌيءَ ميوو ساهووال بجلي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، ماروي پاڻي ڀرڻ لاءِ بجلي واري موٽر کي هلايو ته ان مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي. ماروي جا مائٽ فوري طور کيس اسپتال کڻائي آيا. جتي ڊاڪٽر سندس فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد مڙهه کي ڳوٺ کڻائي آيا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.