نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي اڳواڻن طرفان گستاخاڻي بيانن خلاف  ڀارت جي مختلف  شهرن ۾ پرتشدد مظاهرا ڪيا ويا، پرڏيهي خابرو اداري موجب جهارکنڊ رياست جي شهر رانچي ۾ پرتشدد مظاهرن دوران پوليس مظاهرين تي فائرنگ ۽ لٺبازي ڪري ڏني، مظاهرن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ڀارتي شهر الهه آباد ۾ به گستاخاڻي بيانن خلاف مظاهرن کانپوءِ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، جنهن بعد شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. نئين دهلي جي جامع مسجد ٻاهران گستاخاڻي بيانن خلاف گذريل ڏينهن ٿيل مظاهري ۾ شامل ماڻهن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.