ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ) سنڌ پوليس جا 9375 آفيسر ۽ اهلڪار عمر جي حد وڌڻ سبب مختلف ڪورس نه ڪري سگھيا، آءِ جي گھروکاتي کي خط لکي مختلف ڪورسن  لاءِ عمر جي حد ۾ 5 سال ڇوٽ ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي ڊي آءِ جي (اسٽيبلشمينٽ) گھروکاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته اهلڪارن ۽ آفيسرن جون ترقيون مختلف ڪورسن سان مشروط هجن ٿيون، گذريل ٻن سالن دوران ڪورونا وائرس سبب شٽ ڊائون هو ، ڪيترائي اهلڪار ۽ آفيسر عمر وڌڻ سبب  مختلف ڪورس ڪرڻ کان رهجي ويا. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته ٽريننگ سينٽرن جي گنجائش گھٽ هجڻ ڪري به ڪيترائي اهلڪار ۽ آفيسر گھربل عمر  ۾ ڪورس نه ڪري سگھڻ سبب رهجي ويندا آهن، خط ۾ ڄاڻايو ويو ته اي ون ۽ بي ون ڪورس لاءِ  عمر جي حد 32 سال، لوئر اسڪول ڪورس لاءِ عمر جي حد 33 سال، انٽرميڊيٽ اسڪول ڪورس لاءِ 43 سال ۽ اپر اسڪول ڪورس لاءِ عمر  جي حد 48 سال مقرر ٿيل آهي،  ڪورونا توڙي ٽريننگ سينٽرن ۾ گنجائش  گھٽ هجڻ ڪري 9375 اهلڪار ۽ آفيسر عمر جي حد وڌڻ سبب ڪورس ڪرڻ کان رهجي ويا،  ڪراچي رينج ۾ اي ون ۽ بي ون ڪورس کان 2 هزار، شهيد بينظيرآباد رينج  ۾ 154، سکر رينج ۾ 718 اهلڪار ۽ لاڙڪاڻي رينج ۾ 90 اهلڪار عمر جي حد وڌڻ سبب رهجي ويا. اهڙي ريت ايل ايس سي ڪورس کان ڪراچي رينج جا 1650، حيدراباد رينج جا 275، ميرپورخاص رينج  جا 127، شهيد بينظيرآباد رينج  جا 286، سکر رينج جا 779 ۽ لاڙڪاڻي رينج جا 60 اهلڪار رهجي ويا. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته انٽرميڊيٽ اسڪول ڪورس کان ڪراچي رينج جا 1450، حيدرآباد رينج جا 158، ميرپورخاص رينج جا 74، شهيد بينظيرآباد رينج جا 59، سکر رينج جا 227 ۽  لاڙڪاڻي رينج جا 55 اهلڪار رهجي ويا. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته اپر اسڪول ڪورس ۾ وري ڪراچي رينج جا 1200، حيدرآباد رينج جا 24، ميرپورخاص رينج جا 2، شهيد بينظيرآباد رينج جا 10، سکر رينج جا 22 ۽ لاڙڪاڻي رينج جا 15 اهلڪار رهجي ويا، ان ڪري انهن ڪورسن لاءِ عمر جي حد ۾ 5 سال واڌ ڪئي وڃي