ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي 16 ضلعن ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 4  ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي * مڪاني چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ هاڻي 15 جون تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا * اميدوارن جي ابتدائي فهرست 16 جون تي جاري ڪئي ويندي * نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 17 کان 19 جون تائين ٿيندي * نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ٿيڻ خلاف 20 کان 22 جون تائين اپيل داخل ڪرائي سگهبي * نظرثاني ٿيل لسٽون 27 جون تي جاري ڪيون وينديون * نامزدگي ڪاغذ 28 جون تي واپس ورتا ويندا * چونڊ نشان 29 جون تي الاٽ ڪيا ويندا * مڪاني چونڊ جو ٻيو مرحلو 24 جولاءِ تي ٿيندو * مڪاني  چونڊن جا نتيجا 28 جولاءِ تي جاري ڪيا ويندا.