اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف کي سعودي وفد جي دوري کانپوءِ ملڪ ۾ اربين ڊالرز جي سيڙپڪاري جي اميد آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، وزيراعظم ڪابينا کي سعودي وفد جي دوري کان آگاهه ڪيو، شهباز شريف چيو ته پوري محنت سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائينداسين، سيڙپڪاري منصوبن ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي، پراڻي طريقيڪار تي هلڻ جي گنجائش ناهي نه ئي ان جي اجازت ڏيندس، منصوبن جي ڪنهن به مرحلي ۾ ناقص ڪارڪردگي، نا اهلي، سستي، غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته سعودي وفد جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالرز جي سيڙپڪاري ٿيندي، هن چيو ته مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن اسان ايئن محنت ڪندا رهياسين ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جا حدف جلد حاصل ڪري وٺنداسين، وفاقي ڪابينا 9 نقاطي ايجنڊا منظور ڪئي، ڪابينا ماڊرن سائنس اداري جو بل منظور ڪيو، احتساب عدالتن جي نئين جوڙجڪ، وفاقي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي 5 سالن جي پاليسي به منظور ڪئي وئي، ڪابينا فيڊرل ڊرگ انسپيڪٽر جي مقرري، سمنڊ پار پاڪستاني وزارت ۽ قطر جي ليبر وارت ۾ ايم او يو جي به منظوري ڏني، وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي فيصلن جي به منظوري ڏني. هوڏانهن سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جا ڪيسز جلد پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندا، بلوچستان ۾ اپوزيشن جو پهريون جلسو ناڪام رهيو، اهي پاڻ ۾ ئي وڙهي رهيا آهن، اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان اسٽريٽجڪ لحاظ کان ايٽمي رياست آهي، دوست ملڪ پاڪستان سان جنهن سنجيدگيءَ سان معاملن تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اهو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ نئون باب آهي، ايٽمي رياست ٿيڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، حڪومت ايندي ئي معيشت جي حوالي سان مثبت خبرون سامهون اچي رهيون آهن، اها اسان جي خوش قسمتي آهي ته ۽ معيشت کي بهتر بنائڻ ۾ وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا گهڻا ذخيرا موجود آهن، هن سال بمپر فصل جي اميد آهي، آبادگارن جي سهولت لاءِ ڪڻڪ جي خريداري جو حدف وڌايو ويندو، جنهن لاءِ صوبن کي به خط لکيو ويندو، هن چيو ته فيض آباد ڌرڻي بابت ڪابينا ۾ ڪو به بحث نه ٿيو، قانون وارو وزير ئي ان تي ڪو تبصرو ڪري سگهي ٿو.