اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف جاچ شروع، پاڪ فوج نجي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ جي درخواست تي جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، جاچ ڪاميٽي ميجر جنرل جي سربراهي ۾ قائم ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب جنرل رٽائرڊ فيض حميد تي الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب انڪوائري ڪاميٽي اعليٰ عدليه، وزارت دفاع جي حڪمن جي روشني ۾ قائم ڪئي وئي آهي، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نجي هائوسنگ سوسائٽي معاملن جي اعليٰ عدليه ٻڌڻي ڪري چڪي آهي، فيض حميد تي هڪ هائوسنگ سوسائٽي بابت اختيارن جي ناجائز استعمال جو الزام آهي، اعليٰ سطحي ڪاميٽي الزامن جو جائزو وٺي رپورٽ جوڙيندي، ڪاميٽي الزام ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف ڪارروائي لاءِ سفارشون پيش ڪندي، هڪ هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ ڪنور معيز خان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو هو ته جڏهن فيض حميد ڊي جي آءِ ايس آءِ هو ته هائوسنگ سوسائٽي تي قبضي لاءِ دٻاءُ وڌو، سندس حڪم تي رينجرز اهلڪارن پاران منهنجي گهر ۽ آفيسن تي ڇاپا هنيا ويا، مون کي ۽ منهنجي ڀاتين کي تحويل ۾ ورتو ويو، ڦرلٽ ڪئي وئي، درخواستگذار موجب مجبور ڪيو ويو ته پنهنجو ڪاروبار جنرل فيض حميد جي نامزد ڪيل ماڻهن کي منتقل ڪري، انڪار تي منهنجي خاندان، منهنجي ملامن خلاف ڪيس ٺاهيا ويا، هن موقف اختيار ڪيو هو ته 2011ع کان هائوسنگ اسڪيم جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ مالڪ آهيان، 12مئي 2017ع تي فيض حميد جي هدايت تي پنجاب رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ سان گڏجي منهنجي گهر تي ڇاپو هنيو هو، گهران سون ۽ ٻيو قيمتي سامان به کڻي ويا، منهنجو پٽ جنهن جي عمر 8-9سال هئي ان جي منهن تي آءِ ايس آءِ آفيسر ارتضيٰ هارون پنهنجو بوٽ رکيو، اهو سڀ منهنجي سامهون ٿيو اهو آئون ڪڏهن به وساري نٿو سگهان، 12مئي 2017ع جي ان ڇاپي ۾ مون کي منهنجي ٽيم جي 6ماڻهن سوڌو گرفتار ڪري 5 ڏينهن تائين راولپنڊي ۾ ڊٽينشن سينٽر ۾ تحويل ۾ رکيو ويو، اسان مٿان ظالماڻي طريقي سان ٽارچر ڪيو ويو، ظلم ڪري اسان کي چيو ويو ته هائوسنگ اسڪيم جا شيئرز ٽرانسفر ڪريان، انڪار بعد سي ٽي ڊي حوالي ڪري دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، مون سان ملڻ لاءِ آيل سهري کي به گرفتاري ڪري 45 ڏينهن تحويل ۾ رکيو ويو جڏهن آزاد ٿيو ته ڪينسر جو مرض ظاهر ٿيو ڪجهه ڏينهن بعد هو فوت ٿي ويو، مون کي مني لانڊرنگ ڪيسن ۾ به ڦاسائڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، درخواستگذار موجب معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي، فيض حميد جو ڀاءُ نجف ملاقات دوران مسلسل مون کان معافي گهرندو رهيو  ۽ قائل ڪندو رهيو ته فيض حميد واقعي ۾ ملوث ناهي، هن چيو ته جڏهن گهران ڦرلٽ ڪيل سامان واپس ڪيو ويو ته 400 تولا سون واپس نه ڪيو ويو، درخواستگذار موجب برگيڊيئر نعيم فخر ۽ جنرل برگيڊيئر غفار پنهنجي دفتر ذريعي زبردستي 4 ڪروڙ رپيا ورتا جنهن جا ثبوت به آهن، ٽاپ سٽي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ ڪنور معيد درخواست ڏني هئي، جنهن تي سپريم ڪورٽ جي ٽئي رڪني بينچ جنهن جي سربراهي چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ڪري رهيو هو ، 14 نومبر 2023 تي عدالت درخواستگذار کي وزارت دفاع سان رابطي جي هدايت ڪئي هئي جنهن تي جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، درخواست ۾ معيز خان جنرل فيض حميد، برگيڊيئر رٽائرڊ نعيم فخر، آءِ ايس آءِ جي برگيڊيئر رٽائرڊ غفار، آءِ ايس آءِ جي ارتضيٰ هارون سميت ٻين تي سنگين الزام هنيا هئا جنهن جي جاچ ڪئي ويندي.