تهران(م ڊ) ايران فوجي ڏهاڙي تي پنهنجي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪري ڇڏيو. اسرائيل به ايران تي جوابي حملو ڪرڻ لاءِ تيارين ۾ لڳي ويو، اتحادين جو صبر ڪرڻ جو مشورو رد ڪري ڇڏيو. مليل اطلاعن موجب ڪالهه ايران پنهنجو فوجي ڏهاڙو ملهايو جنهن ۾ ايران جي فوج پريڊ ڪئي ۽ جديد ميزائل، ٽينڪن، جديد ڊرون جي نمائش ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو ته اسان اسرائيل جو فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع ٽوڙي ڇڏيو، مسلمان ملڪ امت جي طاقت تي اعتماد ڪن. ٻئي طرف اسرائيل به ايران کي جواب ڏيڻ لاءِ تيارين ۾ مصروف آهي. اسرائيلي جنگي ڪابينا جو ٽيون اجلاس ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو چيو ته برطانيا ۽ جرمني جهڙن دوست ملڪن جون صلاحون پنهنجي جاءِ تي پر اسان پنهنجي دفاع جو فيصلو پاڻ ڪنداسين ۽ ان باري ۾ ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه اينداسين.