اسلام آباد(م ڊ) حڪومتي ترجمان سعودي عرب بابت پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت کي پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سيڙپ  روڪڻ جي سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سوچي سمجهي شير افضل مروت کان اهو بيان ڏياريو، هاڻ لاتعلقي سمجهه کان ٻاهر آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي وفد جي دوري جي موقعي تي بيان ڏيارڻ گندي سازش آهي جنهن جو مقصد هو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ڪري.