اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ پنهنجي ئي عورت اسيمبلي ميمبر خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي، درخواست ۾ چيو ويو ته پارٽي پاران جمع ڪرايل فهرست ۾ صدف احسان جو نالو نه هو، پارٽي صدف ياسيمن جو نالو ڏنو پر هن دلچسپي ظاهر نه ڪئي، صدف احسان ڪجهه پارٽي اڳواڻن جي مبينا ڳٺ جوڙ سان صدف ياسيمن واري سيٽ حاصل ڪري ورتي، درخواست ۾ چيو ويو ته  اليڪشن ڪميشن انڪوائري شروع ڪئي ته صدف احسان هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، پشاور هاءِ ڪورٽ صدف احسان جو بطور اسيمبلي ميمبر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو آئين ۽ قانون مطابق ناهي ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.