ڪڙيوگهنور(ن پ ا) ڪڙيوگهنور ۾ جسقم پاران  سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ پروگرامن ۾ پوليس پاران چڙهائي ڪري فائرنگ ۽ شيلنگ ڪرڻ توڙي ڪارڪنن تي گوليون هلائڻ خلاف  ريلي ڪڍي پريس  ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي  آصف نظاماڻي،  فياض نوتڪاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي پوليس چڙهائي ڪري شيلنگ ڪئي، بنا جواز ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، نوٽيس وٺي کين آزاد ڪيو وڃي.