راڻيپور (رپورٽ: رضا راڄپر) سياري جي سوکڙي لائيءَ جي وڪري ۾ اضافو، چوڪن چوراهن تي اسٽال لڳي ويا. لائي ٺاهيندڙ ڪاريگر نبي بخش جوڳي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان مختلف قسمن جون لايون ٺاهيندا آهيون. لائي ٺاهڻ ۾ چاس، ڳڙ، کنڊ، رنگ ڪاٺ، ڪِريم، ٽاٽڻي پيهين وڌي ويندي آهي، جنهن مان ڳڙ واري لائي، ترن واري لائي، ڏونگهي واري لائي، مڱن واري لائي، ڀڳڙن واري لائي، کنڊ واري لائي، چانورن واري لائي، ڦلن واري لائي ٺاهيندا آهيون. دڪاندار اسان وٽان لائي کڻي ويندا آهن. ان کان علاوه ڏهاڙيءَ تي ڪمائڻ وارا پورهيت چوڪن چوراهن، بسن، وينن ۽ اسڪولن ۾ لائي کپائي روزگار ڪندا آهن. هنن جو چوڻ هو ته سياري توڙي اونهاري ڳڙ واري لائيءَ جو وڪرو تمام گهڻو ٿيندو آهي. دڪاندار سليم ملڪ ٻڌايو ته سندن ٽن دڪانن تي روزانو ٽن مڻن تائين لائي کپندي آهي. روزانو 50 کان وڌيڪ پورهيت راڻيپور، بوزدار وڏا، ٽنڊومستي، هڱورجا، گڏيجي ۽ گمبٽ ۾ کپائڻ لاءِ لائي کڻي کپائيندا آهن. لائي کپائيندڙ مزدورن سڪندر ميمڻ، جان محمد، برڪت ڊومڪي، ستار اسلامي، طالب مرکنڊ ۽ منظور ميتلي ٻڌايو ته دڪاندارن وٽان مختلف قسمن جون لايون کڻي بس اسٽاپن، ٽول پلازا سميت مختلف شهرن ۾ کڻي ويندا آهيون، ڏهاڙي 500 کان 700 تائين بچي ويندا آهن.