مورو (ن پ ا) مورو ۾ ماستر غلام مرتضيٰ لغاري جي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس گهر ڀاتين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ ٻئي ڏينھن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي غلام رضا لغاري، غلام فاطما، فريدهه لغاري، سنڌو، لاڏلي نرجس، ڪونج ۽ ٻين چيو ته سندن نوجوان پرائمري استاد آهي، جنهن جو ڪنهن به قومپرست پارٽي يا ڪنهن تنظيم سان واسطو ناهي، کيس بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته هو مورو کان حيدرآباد وڃي رهيو هو ته رستي مان کيس کنڀيو ويو آهي، ھنن وس وارن ادارن کان مطالبو ڪيو ته استاد کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي.