بدين (رپورٽر) ڪڍڻ ويجهو ڳوٺ الھبچايو ٽالپر ۾ چند هفتن جي وقفي سان پراسرار نموني قتل ٿي ويل ٻن نوجوانن جي قتل جي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ٽالپر برادريءَ جي سوين ماڻهن عطا محمد ٽالپر، جاويد ٽالپر، بشير ٽالپر، شھزاد ۽ ربنواز ٽالپر جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ايس سان ملڻ بعد بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هنن ٻڌايو ته ڪجهه مهينن اندر اسان جي ڳوٺ جا 2 نوجوان صديق ٽالپر ۽ غلام محمد عرف نانا پوڙهو قتل ٿي ويا آهن، جن جا ڪيس به ڪڍڻ ٿاڻي تي داخل آهن پر ڪڍڻ پوليس اڃا تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ٻنهي نوجوانن جا قاتل گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف وارثن پاران ايس ايس پي بدين جي آفيس اڳيان پڻ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ايس ايس پي سان ملاقات جي ڪوشش ڪئي پر وارثن موجب ايس ايس پي ساڻن ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۽ آفيس اندر موجود پوليس اهلڪارن ڳوٺاڻن کي ڌڪا ڏيئي آفيس مان ڪڍي ڇڏيو. ان کان پوءِ مظاهرين ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو ويهي رهيا. ايس ايس پي ڳوٺاڻن جي وفد کي گهرائي ملاقات ڪري پهرين مئي تائين قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريو.