شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ لڳ ٻن ڄڻن جي قتل واري واقعي جو ڪيس 3 ڏينهن گذرڻ باوجود به داخل نه ٿي سگهيو آهي، خبر موجب ٻن مقتولن 25 سالن جي ممتاز جلباڻي ۽ 42 سالن جي محمد بخش جلباڻي واري واقعي جو پوليس 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي، ان ڏس ۾ سنجر ڀٽي پوليس جو چوڻ آهي ته ھن وقت تائين ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وارث ناهن آيا، جيئن ئي هو ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.