ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل ميجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ڪراچي واسڻ پاران لڄالٽ ڪندڙ بليڪ ميلرن کان تنگ ٿي آپگهات ڪرڻ واري ڪيس ۾ 3 روپوش جوابدارن شاهد،اسد ۽ ارتضيٰ کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عدالت پهريان ئي گرفتار 3 جوابدارن وقاص، فرحان ۽ عامر جي جسماني ريمانڊ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪندي کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ڪالهه جاچ آفيسر ڪيس بابت اڳڀرائي رپورٽ به پيش ڪئي، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدارن کان حاصل ڪيل ويڊيو به فارنزڪ لاءِ اماڻي ڇڏي آهي، عورت جي پوسٽ مارٽم واسطي قبرڪشائي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، عدالتي اجازت بعد ئي وڌيڪ ڪجهه ڪنداسين. واضح رهي ته بليڪ ميلرن کان تنگ ٿي آپگهات ڪندڙ عورت آڊيو ميسيجز ۾ چيو هو ته مون کي ڪالز ڪري ڊيڄاريو پيو وڃي ته اچي اسان سان مل، مونکي چيو وڃي ٿو ته تنهنجن ٻارن کي ماري ڇڏينداسين، آئون وڌيڪ برداشت نٿي ڪري سگھان، منهنجو نمبر به ٻين ڇوڪرن ۾ ورهايو ويو آهي، مون کي معاف ڪجو ، آئون اڄ جيڪو قدم کڻڻ وڃي رهي آهيان، اهو منهنجي زندگي جو خاتمو آڻيندو، هن چيو ته پاڙي جا ڪيترائي ڇوڪرا مون کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، اهي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته اسان جي ڳالهه مڃ ، جوابدار وقاص منهنجي وڊيو ٺاهي وائرل ڪئي آهي، هو منهنجو جعلي نڪاح نامو ٺاهي مڙس هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي