بڇيري (ن پ ا) بڇيري شھر ۾ سبزين ۽ فروٽ واپارين ھٿرادو اگه چاڙهي ڇڏيا، سبزيون پڻ عوام جي خريد ڪرڻ کان چڙهي ويون. گوبي 50 رپيا ڪلو، ڀينڊي150 رپيا، پالڪ 80 رپيا، ميھا 130رپيا، واڱڻ 60 رپيا، پٽاٽا 64 رپيا، مڱن جي دال 300 رپيا، چڻن جي دال200 رپيا، دال مسور 180 رپيا، کنڊ 100 رپيا، اٽو 70 رپيا، گيهه 250 رپيا،آئل 250 رپيا، صوف 200 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آھن. هتان جي رهواسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سبزيون، فروٽ ۽ عام واهپي جون شيون ايتريون ته مهانگيون ٿي ويون آھن جو اسان جي وس کان ٻاهر ٿي ويون آهن. پر افسوس جو مارڪيٽ ڪاميٽي، پرائس ڪنٽرول لسٽ ۽ ڪوبه حڪومتي نمائندو اگهن تي ڪنٽرول ڪرائڻ لاءِ نه پهتو آھي. هنن سنڌ حڪومت، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد، مختيارڪار تعلقو دوڙ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وڄي بڇيري شھر ۾ سبزي، فروٽ ۽ عام واهپي جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرائي رليف ڏنو وڃي.