ڪچي پل (رپورٽ: ذاڪر کوسو) ڪچي پل ويجهو ڳوٺ محمد مراد مگسي ۾ جوابدار حسين بخش مگسي ڪارنھن الزام ھيٺ پسٽل جا فائر ڪري پنھنجي نوجوان زال صابل خاتون کي قتل ڪرڻ بعد ڪچي پل ويجهو اختيار چانڊيو کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري چڏيو، زخمي کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو پئي ويو ته ھن زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي ربيع پل پوليس واقعي واري هنڌ پھچي ٻنهي ڄڻن کان لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتول نوجوان جي پيءُ بصر چانڊيو ٻڌايو ته جوابدار حسين بخش مگسي منھنجي پٽ کي بنا جواز قتل ڪيو، ھن چيو ته منھنجو پٽ پنھنجي سالي جي گھر ويو جتي ھن کي قتل ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.