همايون شريف (رپورٽ: امداد پهنور) همايون شريف ويجهو 60 ورھين جي پيرسن عورت بيدردي سان قتل، گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ، مڙس چيو آهي ته سندس ڀائيٽين زال کي پئسن جي ڏيتي ليتي تان ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي، هڪ ڄڻو گرفتار ڪيو آهي. خبر موجب ڳوٺ ابدال شاخ ۾ 60 ورهين جي پيرسن زال مسمات گلزادي چانڊيو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جنهن جو گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول پيرسن عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، رابطو ڪرڻ تي ھمايون شريف پوليس ٻڌايو ته مقتول عورت جي مڙس معتبر چانڊيو جو چوڻ آھي ته سندس زال کي ڀائيٽين پئسن جي ڏيتي ليتي تان ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪيو آھي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت جي قتل ۾ مڙس ملوث آهي، جنهن کي پوليس بچائڻ چاهي ٿي، هوڏانهن پوليس پاران پيرسن عورت جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ ۾ ڇاپو هنيو ويو، جنهن ۾ جوابدار ڌر سان تعلق رکيندر ھمت چانڊيو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.